تاريخ جون سورهيه شهزاديون

تاريخ جون سورهيه شهزاديون

تاريخ جون سورهيه شهزاديون

تاريخ جون سورهيه شهزاديون (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ترجمي نگار حسين بخش لغاريءَ جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ 17 نامور مغل شهزادين جو ذڪر آهي، جن ۾ (1) امة الحبيب (حميده بانو بيگم)، (2) عظمت النساءِ، (3) فخر النساءِ بيگم، (4) شاهه بيگم پارسا، (5) سلطانه رضيه بيگم، (6) آغا بيگي، (7) حاجي بيگم، (8) حميده بانو بيگم، (9) سليم ســلطانه بيــگم، (10) نــور جــهان، (11) آرام دل، (12) بهار بانو بيگم، (13) ممتاز محل، (14) اعزاز النساءِ بيگم، (15) ثريا بانو بيگم، (16) جهان آرا بيگم ۽ (17) روشن آرا بيگم شامل آهن. جيڪي پنهنجي ذهانت ۽ حسن سبب مشهور هيون. هن ڪتاب جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. ڪتاب جي اڳين اندرين صفحن تي مرتب جون ڪجهه رنگين تصويرون به ڏنل آهن. جلد پڪي، رنگين ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 170 صفحا آهن، هي ڪتاب گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2004ع ۾ شايع ٿيو ۽ قيمت 120 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو